وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ڪابينا ۾ وڌيڪ 10 وزير شامل ڪرڻ جو امڪان آهي

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ڪابينا ۾ وڌيڪ 10 وزير شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، وفاقي ڪابينا 16 وزيرن ۽ 5 صلاحڪارن تي ٻڌل آهي، ڪيترن ئي وزارتن جا قلمدان وزيراعظم وٽ آهن.

ذريعن موجب، وزيراعظم عمران خان کي وزارتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو آهي ته ڪيتريون ئي وزارتون هن وقت وزيراعظم آهن.

ذريعن موجب، وزارتون تي وزير نه هئڻ سبب حڪومتي مشينري پنهنجو ڪم درست طريقي سان انجام نه پئي ڏئي ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن.

ذريعن موجب، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو پر ڇهه وزيرن جا عهدا خالي آهن.

ذريعن موجب، مواصلات، پاور ڊويزن، نيشنل فوڊ سيڪيورٽِ، نجڪاري، شماريات ۽ آبي وسيلن واريون وزارتون خالي آهن. انهن وزارتن جا فيصلا سيڪريٽري جي حد تائين ٿي سگهن ٿا پر اهم  فيصلا نه پيا ٿين.

ذريعن موجب، وزيراعظم  وزارتن جا قلمدان ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جنهن بعد اٺن کان 10 وزير وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته هن وقت وفاقي  ڪابينا ۾ 16 وزير ۽ 5 صلاحڪار شامل آهن ۽ ڪيترن ئي وزارتن جا قلمدان وزيراعظم وٽ آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*