هالينڊ ۾ گستاخ خاقن خلاف ملتان ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

هالينڊ ۾ گستاخ خاقن خلاف ملتان ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائيٽي ۽ صحافين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهري دروان نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هالينڊ ۾ گستاخ خاقن جو پکيڙ مذمت جوڳو عمل آهي، حڪومت کي معاملو عالمي برادري آڏو اٿارڻ کپي.

هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت هالينڊ سرڪار تي واضح ڪري ته اهڙي عمل سان مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيندا، تنهنڪري اهڙي گستاخ مواد جي پکيڙ کان پاسو ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*