بلوچستان عوامي پارٽي صدارتي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

بلوچستان عوامي پارٽي صدارتي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان ۾ معمول واري زندگي ۾ واضح تبديلي اسان جو مقصد آهي، بلوچستان جا مسئلا تمام گهڻا آهن، تحريڪ انصاف  سان گڏجي بلوچستان جا مسئلا حل ڪنداسين.

بلوچستان عوامي پارٽي صدارتي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام ڪمال چيو ته بلوچستان ۾ معمول واري زندگي ۾ واضح تبديلي اسان جو مقصد آهي.

هن چيو ته، بلوچستان جا مسئلا تمام گهڻا آهن، تحريڪ انصاف  سان گڏجي بلوچستان جا مسئلا حل ڪنداسين.

بلوچستان جي وڏي وزير  چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت جا ٿورائتا آهيون، جن صدارتي اليڪشن جي حوالي سان بلوچستان عوامي پارٽي سان رابطو ڪيو.

ڄام ڪمال چيو ته  بي اي پي تحريڪ انصاف جي وفاق ۾ مڪمل سهڪار جو اعلان ڪيو هو، بي اي پي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي، سينيٽ ۾ عارف علوي کي ووٽ ڏيندي.

عارف علوي چيو ته بلوچستان جي حالت بدلائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ عمران خان جا واعدا پاڙينداسين………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*