قاضي احمد پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ماريل شاگرد سجاد جوکيو جي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ فريادي ڌر مٿان راڄوڻيءَ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو

قاضي احمد پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ماريل شاگرد سجاد جوکيو جي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ فريادي ڌر مٿان راڄوڻيءَ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو، شاگرد جي قتل واقعي جو زبردستي ٺاهه ڪرائڻ ۽ ڪيس ۾نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاج مظاهرو ڪيو آهي.

شاگرد سجاد جوکيو جي قتل ڪيس ۾نامزد ڄاڻايل جوابدارن کي بچائڻ لاءِ پوليس ننهن چوٽيءَ جو زور لائي ڏنو آهي، ڪيس ۾نامزد روپوش جوابدار علي بخش مگسي ۽ مبين بالادي طرفان فريادي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف معشوق جوکيو، ياسين جوکيو، آچر جوکيو، صدام جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾112 ڏينهن به دولتپورصفن مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مقتول سجاد جوکيو جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي معشوق جوکيو ۽ ٻين چيو ته قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻي اي ايس آءِ علي بخش مگسي، پوليس اهلڪار مبين بالادي ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او سرور زرداري زبردستي راڄوڻي ٺاھ ڪرائڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

 هنن چيو ته نواب شاهه اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڄاڻايل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوليس پٽي ڀائي هجڻ ڪري کين گرفتار نه پئي ڪري ۽ جوابدار سرعام هٿيار کڻي گهمي رهيا آهن.

 هنن چيو ته غريب هئڻ ڪري پوليس انتظاميا اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي عدالتن مان اميد آهي ته اها انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪندي.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته قتل ۾ ملوث روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*