ڪاڇي واسين سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک تي سهولتن جي کوٽ ۽ مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج جو سلسلو  جاري رکيو

ڪاڇي واسين سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک تي سهولتن جي کوٽ ۽ مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج جو سلسلو  جاري رکيو.

 گورک بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران واهي پانڌي ۾ صادق رستماڻي، عبدالله لغاري، وقار مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو 15 هين ڏينهن به احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

 ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته گورک هل اسٽيشن سنڌ جو تفريحي ماڳ آهي پر ايندڙ سياحن لاءِ اتي ڪي سهولتون ميسر نه ڪيون ويون آهن.

 هنن چيو ته مقامي ماڻهن کي گورک تي نوڪرين ۾ به نظر انداز ڪيو ويو آهي، تعليم توڙي صحت سميت بنيادي سهولتون به اڻ لڀ آهن.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گورک تي سهولتون فراهم ڪري ۽ مقامي ماڻهن کي نوڪرين تي مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*