رتوديرو ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

رتو ديرو  ۾ پراڻي دشمني تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

 شهدادڪوٽ ناڪي وٽ هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان حاجي محمود لورائي کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي  ويا،جڏهن ته پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*