آءِ جي موٽر ويز  پنجاب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو جو نوٽيس وٺندي 24 ڪلاڪن اندر  رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

آءِ جي موٽر ويز  پنجاب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو جو نوٽيس وٺندي 24 ڪلاڪن اندر  رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ويڊيو ۾ موٽروي پوليس  ۽ فائين ڪليڪشن ملازمن کي پتوڪي هاءِ وي تي هڪ شهري کي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

انسپيڪٽر جنرل نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس محمد عامر ذوالفقار خان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو جو نوٽيس ورتو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ موٽروي پوليس ۽ فائين ڪليڪشن ملازمن کي پتوڪي هاءِ وي تي هڪ شهري کي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

موٽروي ترجمان چيو آهي ته تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي ملازمن خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ترجمان موجب، آءِ جي موٽرويز  ڊي آءِ جي سينٽرل کي جاچ رپورٽ 24 ڪلاڪن ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*