سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف فريال ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف فريال ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي

عدالت ۾ فريال ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش نه ٿيو.

عدالت درخواست جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

فريال ٽالپر، ايف آءِ اي پاران مني لانڊرنگ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*