هوسڙي ۾ آبپاشي عملي مختلف شاخن جي آبادگارن مٿان پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

 هوسڙي ۾ آبپاشي عملي مختلف شاخن جي آبادگارن مٿان پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ٻئي طرف آبادگارن پاران الزام رد ڪندي ڪيس کي من گهڙت قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ٽنڊو محمد خان آبپاشي سب ڊويزن جي عملدارن جي فرياد تي اڪرم واهه ۽ بلڙي شاخ جي 34 آبادگارن تي پاڻي چوري جا 4 ڌار ڌار ڪيس هوسڙي، سيري ۽ آبادگار ٿاڻن تي داخل ڪيا ويا آهن.

 پاڻي چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد آبادگارن مير اشرف ٽالپر، غلام حيدر چانگ ۽ ٻين پاڻي چوري جا الزام رد ڪندي چيو ته آبپاشي عملدارن پاران هنن خلاف پاڻي چوري جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته اهي پنهنجي حصي جو پاڻي وهائيندا آهن.

 آخري اطلاعن تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*