سپريم ڪورٽ آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير حسين حقاني کي  ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ نيب کي ٽاسڪ  ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير حسين حقاني کي  ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ نيب کي ٽاسڪ  ڏئي ڇڏيو. اعليٰ عدالت پرڏيهه ۾ رهندڙ جوابدارن کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ قانون سازي جي سفارش ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ هڪ مهيني اندر ٻِين ملڪن سان معاهدن لاءِ قانون سازي ڪري.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ميمو گيٽ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل سان ملازمن جي واپسي واري معاهدو آهي ۽ عدالتي معاون احمر بلال صوفي موجب، نيب حسين حقاني کي واطن واپس آڻي سگهي ٿي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب چيئرمين جوابدارن جي ڏيهه واپسي لاءِ  وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿو.

چيف جسٽس نيب کي حسين حقاني کي ڏيهه واپس آڻڻ جو ٽاڪس ڏيندي چيو ته نيب حسين حقاني جلد ڏيهه واپس آڻي.

سپريم ڪورٽ آبزويشن ڏني ته پاڪستان جا پرڏيهي ملڪن سان معاهده ڏکيائن جي ور چڙهيل آهن.

اعليٰ عدالت پرڏيهه ۾ رهندڙ جوابدارن کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ قانون سازي جي سفارش ڪندي هدايت ڪئي ته پارليامينٽ هڪ مهيني اندر ٻِن ملڪن سان معاهدن لاءِ قانون سازي ڪري.

سپريم ڪورٽ هڪ هفتي اندر نيب کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*