يمن ۾ 3 هزار پاڪستاني ڦاٿل آهن، سرتاج عزيز

پرڏيهي کاتي يمن ۾ ٽـَي هزار پاڪستاني ڦاٿل هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، سرتاج عزيز چيو آهي ته 24 ڪلاڪن اندر پاڪستانين جي واپسي جو عمل شروع ڪيو ويندو، اتان جي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي، پاڪستانين جي واپسي ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي.

اسلام آباد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته يمن ۾ ڦاتل پاڪستانين جي حفاظت سان ڏيهه واپسي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته پاڪستاني سفارتخاني ۽ يمن جي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر پاڪستانين جي ڏيهه واپسي ٿي ويندي، ان سلسلي ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي.

سرتاج عزيز وڌيڪ چيو ته يمن ۾ ايئرپورٽس غير فعال ٿي چڪيون آهن، 5 سئو پاڪستانين کي حديبيه ايئرپورٽس منتقل ڪري ڏيهه آندو ويندو، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ ڦاتل شهرين کي پاڙيسري ملڪن ۾ پهچائي اتان کان واپسي ڪئي ويندي.

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار وڌيڪ چيو ته يمن ۾ 3 هزار پاڪستاني ڦاٿل آهن، جيڪي سندن امداد جا منتظر آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*