سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جو خانگي اسپتال مان علاج ڪرائي 13 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جو خانگي اسپتال مان علاج ڪرائي 13 سيپٽمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.

عدالت ۾ نثار مورائي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو نثار مورائي جيل ۾ شديد بيمار آهي، سندس شگرليول به 600 کان وڌي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس طبي بنيادن تي ضمانت ڏني وڃي يا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڪيو وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو ته نثار مورائي بهرين به بيماريسبب کيس جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

عدالت حڪم ڪيو ته نثار مورائي جو خانگي اسپتال مان علاج ڪرائي 13 سيپٽمبر تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*