جوهي  ۾ آبادگارن پاران  پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 جوهي  ۾ آبادگارن پاران  پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 آبادگارن غلام قادر رند، ميهرگاڏهي، شمن کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبپاشي آفيس جوهي آڏو بک هڙتال ڪئي.

 ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته آبپاشي عملي جوهي برانچ، چينجاڻي شاخ، لاکا، دڙا ۽ ٻين شاخن جي پوڇڙين ۾ هٿرادو طور پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آهي.

 هنن چيو آهي ته پاڻي نه هجڻ سبب سندن زمينون بنجر ٿي چڪيون آهن.

 هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته  نوٽيس وٺي پاڻي جي فراهمي علائقي ۾ يقيني بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*