جوهي ۾ ڊرگهه پوليس پاران نينگر کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪاڇي جي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

 جوهي ۾ ڊرگهه پوليس پاران نينگر کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪاڇي جي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ جلب ديرو جي رهواسين شاهه بيگ لغاري، غلام قادر لغاري، همت لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڊرگهه بالا پوليس زيادتين خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته پوليس پورهيت شاهه بيگ لغاري جي گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن کي حراسان ڪيو، جڏهن ته 12 ورهين جي نينگر معشوق لغاري کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن چيو ته نينگر کي پوليس ٿاڻي تي رکڻ  بجاءِ گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو مذمت جو عمل آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته نينگر جيڪڏهن ڪنهن ڪيس ۾ گهربل آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*