اوٻاوڙي ويجهو هڪ ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيل نوجوان جو لاش پوليس هٿ ڪري ورتو آهي

 اوٻاوڙي ويجهو هڪ ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيل نوجوان جو لاش پوليس هٿ ڪري ورتو آهي.

رونتي جي ڪچي واري ڳوٺ صديق شر ۾هڪ ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل نوجوان  بخش علي شر جو لاش راونتي پوليس هٿ ڪري اوٻاوڙي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن جي حوالي  ڪيو ويو.

واضح رهي ته بخش علي شر کي جوابدار محراب شر ڪارنهن الزام مڙهي ڊوڙائي ڊوڙائي ڪلاشن ڪوف جو برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*