کڏڙو ۾ پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي فراهم نه ڪرڻ تي شهري ٽائون انتظاميا خلاف سراپا احتجاج بڻجي رستن تي نڪري آيا

کڏڙو ۾ پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي فراهم نه ڪرڻ تي شهري ٽائون انتظاميا خلاف سراپا احتجاج بڻجي رستن تي نڪري آيا.

وارڊ نمبر هڪ لانڍي پاڙي جي رھواسين واٽر سپلاءِ لائين ۽ ڊرينيج سسٽم نه ملڻ تي لعل بخش ڏھيو، الھيار ڏھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ٽائون انتظاميه خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.

 ان موقعي تي ھنن دانھيندي چيو ته ٽائون انتظاميا پاران علائقي کي ڪي به بنيادي سھولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن، واٽر سپلاءِ جي لائين نه وڇائڻ ڪري اسان پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ ترسي رھيا آھيون

هن چيو ته ڊرينيج سسٽم نه هئڻ ڪري گندو پاڻي گھٽين ۾ بيٺو آھي، جنهن سبب علائقو گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.

 ھنن چيو اسان علائقي جي بنيادي مسئلن بابت ڪيترائي ڀيرا ٽائون آفيسر کي درخواستون ڪيون آھن پر هو تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي وارڊ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*