مان شهري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ معاملي تي خاص توجهه ڏئي رهيو آهيان،وڏو وزير مراد علي شاهه

وڏو وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته  مان شهري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ معاملي تي خاص توجهه ڏئي رهيو آهيان، اي ڊي بي جي سهڪار سان سنڌ روڊ امپروومينٽ منصوبي تحت 6 ضلعن ۾280 ڪلوميٽر روڊ جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي وفد وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ريڊ لائين پراجيڪٽ ماڊل ڪالوني کان نمائش تائين تعمير ڪرڻ بابت منصوبو آهي، منصوبي ۾ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي سهڪار جي ضرورت آهي.

هن چيو ته تعليم جي سڌاري لاءِ خاص توجهه ڏئي رهيا آهيون، جنهن لاءِ پڻ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي شهڪار جي ضرورت آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عوام کي تعليم، پاڻي، صحت ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.

ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي ڊائريڪٽر چيو ته سنڌ حڪومت سان مختلف منصوبن ۾ سهڪار لاءِ تيار آهيون.

هن چيو ته سنڌ روڊ امپروومينٽ منصوبو وڏي وزير مراد علي شاهه جي ذاتي دلچسپي سبب ڪامياب رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*