نئين ديري ۾هفتو اڳ دوستن هٿان قتل ڪيل نوجوان آفاق سيال جي قتل ڪيس ۾گرفتار جوابدارن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

 نئين ديري ۾هفتو اڳ دوستن هٿان قتل ڪيل نوجوان آفاق سيال جي قتل ڪيس ۾گرفتار جوابدارن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس بيگناهه سندن نوجوانن کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻائي رهي آهي.

پير ڳوٺ پاڙي ۾ قتل ڪيل نوجوان آفاق سيال جي ڪيس ۾گرفتار جوابدارن قدير سومرو، نجيع الله شيخ ۽ اسرار چنو جي وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته  پوليس  ايس ايس پي آفيس ۾ فقط هڪ جوابداررضوان شاهه کي پيش ڪيو، سندن ٽن نوجوانن کي سامهون نه آندو آهي.

هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس سندن ٽن نوجوانن کي تشدد ڪري زبردستي بيهاريو آھي.

هنن  ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي  لاڙڪاڻو کان  مطالبوڪيو آهي ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*