ٽنڊومحمد خان ۾ پ پ ڪارڪنن پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي نيب ۾ ڪيسز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 ٽنڊومحمد خان ۾ پ پ ڪارڪنن پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي نيب ۾ ڪيسز خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ڪارڪنن رضامحمد خاصخيلي، الله بخش چوهاڻ، عبدالرحيم عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي هنن چيو ته پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خلاف اڳوڻي نون ليگ حڪومتي دور ۾سياسي انتقامي ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا، جيڪي ڪيس من گهڙت آهن.

 هنن چيو ته آصف  علي زرداري خلاف داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*