مچ جيل ۾ قيد موت جي سزا ٻڌايل ايم ڪيو ايم ڪارڪن صولت مرزا جي ڦاهي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي

 مـَچ جيل ۾ قيد موت جي سزا ٻڌايل ايم ڪيو ايم ڪارڪن صولت مرزا جي ڦاهي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، صدر ممنون حسين ، وزيراعظم نواز شريف پاران موڪليل سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين ڏانهن سمري موڪلي هئي ته صولت مرزا جي ڦاهي ٽيهن ڏينهن تائين ملتوي ڪئي وڃي.

ايوان صدر جي ذريعن موجب، صدر ممنون حسين وزيراعظم پاران موڪليل سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد صولت مرزا جي ڦاهي ٽيهن ڏينهن تائين ملتوي ٿي وئي آهي.

صدر پاران سمري تي صحيح ڪرڻ بعد وزيراعظم هائوس ڏانهن موڪلي وئي آهي، صولت مرزا کي پهرين اپريل بدران هاڻي 30 اپريل تي سوليءَ تي ٽنگيو ويندو.

واضح رهي ته صولت مرزا کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ پهرين اپريل لاءِ بليڪ وارنٽ جاري ٿيل هئا پر صدر پاران سمري تي صحيح ٿيڻ بعد ڦاهي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صولت مرزا کان سندس وڊيو بيان ۾ لڳايل الزامن جي حوالي سان جاچ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*