جوهي ويجهو پي پي ايڇ آءِ سينٽر ۾ نرس جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل عورت جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

 جوهي ويجهو پي پي ايڇ آءِ سينٽر ۾ نرس جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل عورت جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڳوٺ خدا بخش سولنگي جي رهواسين پاران پريس ڪلب آڏو نرس خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ان موقعي تي هنن چيو ته ويم لاءِ ڪمال خان پي پي ايڇ آءِ سينٽر آندل عورت شاهدان سولنگي نرس جي غفلت سبب فوت ٿي، جڏهن ته سندس خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

 هنن صحت کاتي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غفلت ۾ ملوث نرس کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*