ڪراچي جي احتساب عدالت پي ايس او ۾ 63 ارب روپيا ڪرپشن بابت ريفرنس داخل نه ڪرڻ سبب نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 13 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت پي ايس او ۾ 63 ارب روپيا ڪرپشن بابت ريفرنس داخل نه ڪرڻ سبب نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 13 سيپٽمبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

نيب عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪرپشن بابت جاچ اڃا مڪمل ٿي نه سگهي آهي، ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت نيب کي ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 13 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

نيب چيو ته جوابدارن ۾ اڳوڻو جنرل مئنيجر پي ايس او ذوالفقار علي جعفري ۽ سينئر جنرل مئنيجر نذر علي زيدي شامل آهن.

نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن اختيارين جو غلط استعمال ڪندي قومي خزاني کي 63 ارب روپين جو نقصان پهچايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*