سينيٽ ۾ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين بابت التوا واري رٿ بحث لاءِ منظور ڪئي وئي آهي

سينيٽ ۾ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين بابت التوا واري رٿ بحث لاءِ منظور ڪئي وئي آهي، نواز ليگ سينيٽر جاويد عباسي چيو آهي ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي  ذميواري هئي.

سينيٽ جو اجلاس وقتي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

نواز ليگ سينيٽر عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين واري معاملي تي بحث لاءِ التوا واري رٿ جمع ڪرائي، جيڪا وقتي چيئرمين منظور ڪري ورتي.

جاويد عباسي چيو ته سمورن عالمي ادارن چيو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، هو ڪنهن هڪ جماعت تي الزام نه نٿا هڻن، پر ذميوارن جو تعين اڻٽر آهي.

جاويد عباسي چيو ته ڌانڌلي روڪڻ اليڪشن ڪميشن  جي ذميواري آهي، جيڪا پوري نه ڪئي وئي، سمورين پارٽين کي چونڊ نتيجن تي خدشا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*