اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ليگي اڳواڻن سان ملاقات دوران  شاهد خاقان عباسي کي اين اي 142 لاهور تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ليگي اڳواڻن سان ملاقات دوران  شاهد خاقان عباسي کي اين اي 142 لاهور تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ  جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ليگي اڳواڻن ساڻس ملاقات ڪئي.

عدالتي ڪمري ۾ نوازشريف سان شاهد خاقان عباسي، چوڌري تنوير، آصف ڪرماني، پرويز رشيد، راجا ظفر الحق، سينييٽر غوث نياز ۽ ميئر شيخ انصر ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي نوازشريف شاهد خاقان کي حمزه شهباز جي خالي تڪ اين اي 142 لاهور تي چونڊ وڙهڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*