اليڪشن ٽربيونل غوث علي شاهه جي درخواست تي ڪارروائي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

اليڪشن ٽربيونل ڪراچي سينئر سياستدان سيد غوث علي شاهه جي درخواست تي وڏي وزير ۽ ايم اين اي نواب وساڻ جي ڪاميابي ۽ لياقت جتوئي جي درخواست تي اين اي 233 تان عمران ظفر جي ڪاميابي واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

سيد غوث علي شاهه صوبائي تڪ پي ايس 29 خيرپور ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 215 خيرپور تان نواب وساڻ جي ڪاميابي کي اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ چيلنج ڪيو هو.

گذريل ڪيترن ئي هفتن کان غوث علي شاهه جي درخواست اليڪشن ٽربيونل ۾ ٻڌڻي هيٺ هئي، جنهن تي ٻڌڻيون ٿينديون رهيون ۽ ٻنهي تڪن تان ڪامياب اميدوار به اليڪشن ٽربيونل آڏو پيش ٿيندا رهيا.

اليڪشن ٽربيونل ڪراچي اڄ غوث علي شاهه جي درخواست تي ڪارروائي کي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ٽربيونل اين اي 233 تان عمران ظفر جي ڪاميابي خلاف لياقت جتوئي جي درخواست تي به فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*