احتساب عدالت نوازشريف کي اڊيالا جيل وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

احتساب عدالت نوازشريف کي اڊيالا جيل وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جيل عملدارن سيڪيورٽي سبب جي ڪري سڀاڻي کيس  پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته سڀاڻي احتجاجن ۽ ريلين جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سبب کيس پيش نه ٿو ڪري سگهجي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل مان احتساب عدالت ۾ آندو ويو.

ٻڌڻي جي وقفي بعد عدالت نوازشريف کي اڊيالا جيل وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس سڀاڻي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي جيل عملدارن موقف اختيار ڪيو ته سڀاڻي ڌرڻن ۽ ريلين جو اعلان ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽيخدشن سبب نوازشريف کي پيش نه ٿا ڪري سگهون.

واضح رهي ته خميس ڏهاڙي اڊيالا جيل ۾ قيدين سان ملاقات جو ڏينهن هوندو آهي، نوازشريف کي اڄ ملاقات جو ڏينهن هئڻ باوجود احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*