بلوچستان حڪومت مختلف وزيرن جي کاتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،

بلوچستان حڪومت مختلف وزيرن جي کاتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، مير محمد عارف  کي ناڻي واري وزارت، نور محمد دمار کي  پبلڪ هيلٿ انجنيئر جو کاتو، سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي کي ڪلچر ۽ سياحت  جي وزارت ڏني وئي آهي.

بلوچستان حڪومت مختلف وزيرن جي کاتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، مير محمد عارف  کي  ناڻي واري وزارت، نور محمد دمار کي  پبلڪ هيلٿ انجنيئر جو کاتو ۽ سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي کي ڪلچر ۽  سياحت  جي وزارت ڏني وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، نواز طارق خان مگسي کي ڪميونيڪشن اينڊ ورڪ جي وزارت ڏني وئي، جڏهن ته انجنيئر زمرڪ خان کي زراعت ۽ ڪوآپريٽيو ز وارو کاتو ڏنو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، ظهور احمد بليدي کي انفارميشن، مير ضياءَ الله لانگو کي ٻيلي ۽ وائلڊ لائيف جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، نصيب الله مري کي صحت، سردار محمد صالح ڀوتاني کي فوڊ، لا، اينڊ پارلياماني افيئرس جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽفڪيشن موجب، سليم  احمد کوسا کي هوم اينڊ ٽرائبل افيرس جو قلمدان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مٺا خان ڪاڪڙ کي لائيو اسٽاڪ ڊيولپمنٽ کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*