لاهور ۾ ناري پسند جي شادي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

لاهور ۾ ناري پسند جي شادي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڪيس داخل ڪري ناري ۽ سندس سئوٽ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب، مقتول عمر خان ويلڊنگ جو ڪم ڪندو هو، 17 آگسٽ تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.

17 آگسٽ تي لاهور جي بادامي باغ ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڌيءُ پنهنجي پيءُ عمر خان کي قتل ڪري ڇڏيو،

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جي ڌيءُ عائشه ۽ سندس سئوٽ  عمير کي گرفتار ڪري  ورتو.

جاچ دوران جوابدار عمير اعتراف ڪيو ته هو عائشه سان شادي ڪرڻ چاهي پيو پر سندس والد انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي اسان کيس قتل ڪيو.

پوليس موجب، ناري به ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪي آهي، مقتول ويلڊنگ جو ڪم ڪندو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*