سامارو ۾ شهرين پاران سرڪاري اسپتال ۾ علاج جي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 سامارو ۾ شهرين پاران سرڪاري اسپتال ۾ علاج جي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

 وارڊ 3 جي رهواسين يونس کوسو، بلاول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي هنن چيو ته تعلقه اسپتال ساماري ۾ علاج جون گهربل سهولتون ميسر ناهن.

 هنن ٻڌايو ته هو موٽرسائيڪل جي حادثي ۾ زخمي ٿيل آصف کوسو کي علاج لاءِ  اسپتال وٺي ويا ته ڊيوٽي ڊاڪٽرن کين انجيڪشن ۽ مرهم پٽي جو ٻيو سامان بازار مان وٺي اچڻ جو چيو.

 هنن وڌيڪ چيو ته علاج لاءِ آيل مريض اسپتال ۾سهولتون نه هئڻ سبب پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

 هنن صحت کاتي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي علاج جون گهربل سهولتون سرڪاري اسپتال ۾ فراهم ڪيون وڃن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*