پرڏيهي وزارت گذريل پنج سالن ۾ غير ملڪين کي جاري ڪيل شڪار جي اجازت نامن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا

پرڏيهي وزارت گذريل پنج سالن ۾ غير ملڪين کي جاري ڪيل شڪار جي اجازت نامن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا ، پرڏيهي وزارت موجب 5 سالن دوران 143 پرڏيهي شهرين کي ناياب پکين جي شڪار جي اجازت ڏني وئي، سعودي عرب کي 7، بحرين کي 24، قطر کي 57، يو اَي اِي کي 55 اجازت نامه ڏنا ويا.

پرڏيهي وزارت گذريل پنج سالن ۾ غير ملڪين جي شڪار جي اجازت نامن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا.

پرڏيهي وزارت چيو ته گذريل پنج سالن دوران عربن کي شڪار لاءِ 143 اجازت ناما جاري ڪيا ويا.

پرڏيهي وزارت موجب 5 سالن دوران 143 پرڏيهي شهرين کي ناياب پکين جي شڪار جي اجازت ڏني وئي، سعودي عرب کي 7، بحرين کي 24، قطر کي 57، يو اَي اِي کي 55 اجازت نامه ڏنا ويا.

ان موقعي تي سينيٽر شيرين مزاري چيو ته اسان صوبن جي حقن جو احترام ڪيون ٿا، شڪار تي پابندي لڳائڻ صوبي جو اختيار آهي.

هن چيو ته ، ناياب نسل جي جانورن ۽ پکين جي شڪار جي اجازت صوبن کان وٺڻ ضروري آهي.

شيرين مزاري چيو ته، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ صوبن پاران شڪار لاءِ مشاورت ڪئي ويندي،  جيڪڏهن صوبي جي اجازت کانسواءِ شڪار جو اجازت نامو جاري ڪيو ويو ته ان جي جاچ ڪرائينداسين.

سينيٽر شيرين مزاري چيو ته صوبن سان گڏجي شڪار بابت واضح پاليسي جوڙِي ويندي، شڪار جي اجازت يا پابندي بابت فيصلو صوبن جو  هوندو.

سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته ڇا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عرب شيخن جي ڪنٽرول ۾ آهي؟

سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته موسيٰ خيل ۾ صوبائي حڪومت جي مرضي کانسواءِ شڪار جي اجازت ڏني، ان معاملي کي به ڏٺو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*