سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون

سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، عبدالله احمد کي ايس پي صدر ڊويزن مقرر ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب عبدالله احمد کي ايس پي ڏکڻ زون جي اضافي چارج به ڏني وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب عامر عباس شاهه کي ايس پي انويسٽيگيشن ويسٽ زون ون  ۽ جان محمد برهماڻي کي ايس پي اسپيشل برانچ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب محمد اعظم جمالي کي ايس پي انويسٽيگيشن ملير جي اضافي چارج ڏني وئي ۽ آصف احمد ٻگهيو کي ايس پي ٽريفڪ ڏکڻ مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب مقرري جي انتظار ۾ ويٺل غلام شبير ميمڻ کي ايس پي انويسٽيگيشن ايسٽ زون ون مقرر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*