شاهه پور جهانيان جي النور شگر ملز ۾واقع گورنمينٽ بوائز نيشنلائيزڊ اسڪول کي خانگائڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪندي فيصلو واپس نه ُوٺڻ تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي

شاهه پور جهانيان جي النور شگر ملز ۾واقع گورنمينٽ بوائز نيشنلائيزڊ اسڪول کي خانگائڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪندي فيصلو واپس نه ُوٺڻ تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هاءِ اسڪول کي مبينا طور خانگائڻ خلاف شاگردن، استادن ۽ ڳوٺاڻن مريد لغاري، ساگر لغاري، افسانه سنڌو، اجالا سنڌو، محمد مشتاق، انصاف علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ بوائز نيشنلائيزڊ هاءِ اسڪول کي 1973ع ۾ نيشنلائيزڊ ڪري 1976ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، 2006ع ۾ ايڊيشنل رومز ٺهيا ۽ 2010ع ۾ اسڪول کي نئين سر تعمير ڪيو ويو پر النور شگرملز انتظاميه 1976ع ۽ 2010 ع ۾ ڪو به اعتراض نه واريو۽ هاڻي 45 سالن کان پوءِ اسڪول جو مرمتي ڪم روڪرائي ڇڏيو آهي.

 هنن چيو ته هن اسڪول ۾850 شاگردياڻيون ۽ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اسڪول کي خانگائڻ سان سندن تعليم سخت متاثر ٿيندي.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، گورنر ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو سوموٽو وٺي شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*