نيب ڪارروائي ڪندي گهوٽڪي  جي چيف ميونسپل آفيسر نادر شاهه امروٽي کي گرفتار ڪري ورتو آهي

نيب ڪارروائي ڪندي گهوٽڪي  جي چيف ميونسپل آفيسر نادر شاهه امروٽي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نادرشاهه امروٽي کي نيب عملدار  ميونسپل آفيس مان تحويل ۾ وٺي ڪار ۾ پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

ميونسپل انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪو به رڪارڊ ضبط ناهي ڪيو ويو، نادر امروٽي تي شڪارپور ميونسپل ڪميتي ۾ مقرري دوران ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو،جنهن جي جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

نادر شاهه امروٽي جي چاچي   عبدالقادر شاهه موجب نادر شاهه کي نيب وارا کڻي ويا آهن،پر وڌيڪ تفصيل کان آگاهه نه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*