پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٿيل ڳالهين واري تڪرار کان پاسو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اهڙي تڪرار کي ختم ڪري سياسي طور اڳتي وڌڻ چاهي ٿو

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٿيل ڳالهين واري تڪرار کان پاسو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اهڙي تڪرار کي ختم ڪري سياسي طور اڳتي وڌڻ چاهي ٿو، جنهن سبب ان معاملي تي وڌيڪ نه ڳالهايو وڃي، پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي.

پنهنجي هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت کان آگاهه ڪيو.

وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو وچ ۾ ٿيلن ڳالهين واري تڪرار بابت ترجمان چيو ته اسان اهڙي تڪرار جو خاتمو چاهيون ٿا.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان سياسي طور اڳتي وڌڻ چاهي ٿو،  پرڏيهي وزير ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهي، جنهن سبب انهيءَ معاملي تي وڌيڪ نه ڳالهايو وڃي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا آمريڪا وزيراعظم عمران  خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڳالهين جو ٽرانسڪرپٽ پاڪستان کي ڏنو آهي.

جنهن تي ڊاڪٽر فيصل جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو ته هڪ ڀيرو  چئي  ڇڏيو ته معاملو ختم ٿي ويو، اسان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا.

ترجمان ٻڌايو ته والاريل ڪشمير  ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، گذريل هفتي ڀارتي فوج 10 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي، ڀارتي فوج طرفان پيلٽ گنز جي اسان مذمت ڪيون ٿا.

ڊاڪٽر فيصل حريت اڳواڻن جي غيرقانوني نظربندي جي مذمت ڪندي چيو حريت اڳواڻن جي خراب ٿيندڙ صحت جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، عالمي برداري ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت تي ڳالهائيندي چيو ته ايل او سي تي ڇڪتاڻ سبب هڪ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪيو ۽  پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

ڊاڪٽر فيصل هائلينڊ ۾ گستخانا خاڪن بابت ٻڌايو ته پاڪستان توهين وارن خاڪن جي معاملي تي سنجيده نوٽيس ورتو آهي.  توهين جوڳن خاڪن  واري معاملي تي او آءِ سي کي خط لکي سخت احتجاج ڪيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو او آءِ سي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ توهين جوڳن خاڪن جو معاملو اٿاريندو.

هڪ سوال جي جواب پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته چاهه بهار ۽ گوادار اعزازي بندر گاهون آهن، اسان کي چاهه بهار ۾ ڀارت جي موجودگي سان فرق نه ٿو پئي، اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ سيڙپڪاري جو جائزو وٺڻو پوندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته چين پاڪستان جو ڀائرن جهڙو ملڪ آهي، سي پيڪ چين جو فليگ شپ منصوبو آهي پر پاڪ ڀارت تجارت وڏو مسئلو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو پاڪستان اچڻ تمام سٺو عمل آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته ايراني پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سميت مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*