نواز ليگ اڳواڻ عابد شير علي اين اي 124 ۽ خواجا سعد رفيق اين اي 131 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن

نواز ليگ اڳواڻ عابد شير علي اين اي 124 ۽ خواجا سعد رفيق اين اي 131 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 131 جي ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان خواجه سعد رفيق کي شڪست ڏني هئي.

مسلم ليگ ن ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ خواجه سعد رفيق کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي جنهن بعد هن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

خواجه سعد رفيق جي ترجمان قاسم  سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ۽ رٽرننگ آفيسر رحم زاده سندس ڪاغذ وصول ڪيا.

اڳوڻي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪورنگ اميدوار سندس گهر واري غزالا سعد  آهي.

ٻئي طرف اين اي 124 تي عابد شير علي  پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*