سنڌ ۽ پنجاب پوليس کي سياسي بڻائي غير فعال ڪيو ويو آهي، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف کي بيشڪ نئون خيبر پختونخواهه نظر نه اچي پر عام ماڻهو کي نواڻ جلد نظر ايندي، جڏهن ته روڊن يا پُلن سان جيڪڏهن ملڪ ٺهي ٿو ته وزير اعظم ملڪ رياض کي هجڻ گهرجي.

مردان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هو پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيا آهن ۽ سمجهن ٿا ته شين کي تبديل ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو پر وقت سان شيون تبديل ۽ درست ضرور ٿينديون.

هن چيو ته زمينن جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ ٿاڻن تي ايف آءِ آر کي آن لائين ڪٽرائڻ جي سهولت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ماڻهن کي عدالتن جي چڪر کان بچائڻ لاءِ هر ٿاڻي تي مصالحتي ڪميٽي ويهاري وئي آهي، جيڪا ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي انصاف ڀريو فيصلو ڪندي.

هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پوليس کي سياسي بڻائي غير فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسان ان کي غير سياسي ڪري رهيا آهيون، ساڳي ريت سفارشي وائيس چانسلر مقرر ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، جنهن کي به ٺيڪ ڪيو پيو وڃي.

عمران خان چيو ته اسڪولن ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ نظام آندو پيو وڃي، جنهن سان گهر ويٺي استادن جي ڪارڪردگي تي نظر رکي ويندي.

هن چيو ته اسپتالن کي به درست ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن ۽ شروعات ليڊي ريڊنگ اسپتال مان ڪبي.

عمران خان چيو ته سرڪاري کاتا جيڪڏهن ڪنهن شڪايت تي ٽن ڏينهن ۾ عمل نه ڪندا ته انهن کي سزا ملندي ۽ جيڪڏهن مسئلن کي حل ڪندا ته انهن کي انعام به ڏنا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*