روهڙي ۾عدالت بنا ڊگري جي ڪلينڪ هلائيندر عطائي ڊاڪٽر کي 3 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

روهڙي ۾عدالت بنا ڊگري جي ڪلينڪ هلائيندر عطائي ڊاڪٽر کي 3 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، پوليس عطائي ڊاڪٽر کي عدالت مان گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيوآهي.

 سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ روهڙي زوهيب حسين جي عدالت عطائي ڊاڪٽر حضور بخش کوسو کي 3 سال قيد  ۽ 45 هزار رپيا ڏنڊ جي سزاٻڌائي ڇڏي.

عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ پوليس جوابدارکي عدالت مان گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر موڪلي ڇڏيو.

4 مهينا اڳ جوابدار حضور بخش جي ڪلينڪ تي ڇاپو هڻي دوائون هٿ ڪرڻ بعد تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر وسيم جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*