ايف آءِ اي ميمو گيٽ اسڪينڊل بابت اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو

ايف آءِ اي ميمو گيٽ اسڪينڊل بابت اڳڀرائي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي چيو آهي ته جوابدار حسين حقاني اشتهاري آهي ۽ آمريڪا ۾ ترسيل آهي، سندس پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ وارو عمل جاري آهي.

ايف آءِ اي چيو ته ميمو گيٽ ڪيس ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي موجب، حسين حقاني خلاف عبوري چلان ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي موجب، جوابدار حسين حقاني اشتهاري آهي ۽ آمريڪا ۾ ترسيل آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته،  حسين حقاني جو پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ وارو عمل جاري آهي.

رپورٽ موجب، انٽرپول حسين حقاني جي آمريڪا ۾ موجودگي جي تصديق ڪئي آهي. ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي درخواستن جو فيصلو اڃا ناهي آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*