ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو، موسميات کاتي موجب، اڄ اسلام آباد سميت راولپنڊي، گوجرانوالا، مالاڪنڊ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان  ۾ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي

ملير، شير شاهه، لسٻيلا، گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر سميت مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.

ڪراچي ۾ هلڪي برسات کانپوءِ شهرين تفريحي ماڳن ڏانهن رخ ڪيو آهي.

موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتو موجب، هوا ۾ گهم جو مقدار 74 سيڪڙو آهي، جڏهن  ته سامونڊي هوائون 18 ڪلو ميٽر في گهنٽا رفتار سان هلي رهيون آهن.

موسميات کاتي موجب، شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، اڄ اسلام آباد سميت راولپنڊي، گوجرانوالا، مالاڪنڊ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان  ۾ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*