تحريڪ لبيڪ پاران هائلينڊ حڪومت پاران گستاخ خاڪن جي مقابلي  خلاف هنيل ڌرڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ڳالهين کان پوءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

تحريڪ لبيڪ پاران هائلينڊ حڪومت پاران گستاخ خاڪن جي مقابلي  خلاف هنيل ڌرڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ڳالهين کان پوءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله  پاران هائلينڊ ۾ گستاخ خاڪن جي مقابلي خلاف ڌرڻو هنيو ويو هو .

 اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي اطلاع  ملڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون .

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو .

ان موقعي تي تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هالينڊ ۾  گستاخ خاڪن وارو مقابلو ختم ٿيڻ تي هو به پنهنجو ڌرڻو ختم ڪن ٿا.

ڌرڻي جي ختم ڪرڻ  واري اعلان کان پوءِ تحريڪ ليبڪ يا رسول الله جا اڳواڻ اسلام آباد مان ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*