پنجاب ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ٿيندو

پنجاب ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن دوران کيس مختلف کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ويندي،  اجلاس ۾ 11 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

پنجاب ڪابينا جو اجلاس اڄ لاهور ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي.

اجلاس ۾ وڏو وزير عثمان بوزدار پنجاب ڪابينا کي وزيراعظم جي ويزن ۽ هڪ سئو ڏينهن واري ايجنڊا موجب ڪم ڪرڻ جي گائيڊ لائن ڏيندو.

اجلاس ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار کي سمورن کاتن جي حوالي سان وزيرن پاران بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس ۾ 11 نڪاتي ايجنڊا تي به غور ويچار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*