اليڪشن ڪميشن  صدارتي چونڊن دوران ووٽ جي رازداري برقرار رکڻ بابت هدايت جاري ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن  صدارتي چونڊن دوران ووٽ جي رازداري برقرار رکڻ بابت هدايت جاري ڪري ڇڏي، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا چيو آهي ته پولنگ اسٽيشن ۾ موبائل فون کڻي وڃڻ تي پابندي آهي،  بيلٽ پيپرز ڏيکارڻ به ڏوهه آهي، ڀڃڪڙي تي قانون موجب قدم کنيو ويندو.

صدارتي چونڊون 4 سيپٽمبر تي ٿي رهيون آهن، حڪومتي جماعت جو اميدوار عارف علوي، پيپلزپارٽي طرفان اعتزاز احسن ۽ اپوزيشن طرفان مولانا فضل الرحمان ميدان ۾ لٿل آهن.

اليڪشن ڪميشن  صدارتي چونڊن دوران ووٽ جي رازداري برقرار رکڻ بابت هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا چيو آهي ته پولنگ اسٽيشن ۾ موبائل فون کڻي وڃڻ تي پابندي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر  موجب،  بيلٽ پيپرز ڏيکارڻ به ڏوهه آهي، ڀڃڪڙي تي قانون موجب قدم کنيو ويندو.

سردار رضا چيو ته ، ڪيمرا يا ڪنهن  تصوير ٺاهڻ واري ڪا ٻي ڊيوائس پولنگ اسٽيشن اندر کڻي اچڻ منع ٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*