ڊي پي او جي بدلي تي ڪو به دٻاءُ نه وڌو ويو، آءِ جي پنجاب ڪليم امام

ڊي پي او پاڪپتن  رضوان گوندل جي بدلي واري معاملي تي آءِ جي پنجاب ڪليم امام چيو آهي ته هو قسم کڻي چئي ٿو ته کيس ڪو به دٻاءُ نه وڌو ويو هو ۽ نه ئي هن ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي ڊي پي او جي بدلي ڪئي آهي، اسان 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا آهيون، بدلي ڪا سزا ناهي هوندي.

سپريم ڪورٽ ۾ ڊي پي او پاڪ پتن جي بدلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي ڪليم امام پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.

آءِ جي پنجاب چيو ته مٿس ڊي پي او جي بدلي تي ڪو به دٻاءُ نه وڌو ويو، محڪماڻي طور تي ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل جي بدلي ڪئي.

آءِ جي پنجاب چيو ته اسپيشل برانچ ۽ ٻين ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته رضوان گوندل درست معلومات نه پيو ڏئي. پنجاب جي وڏي وزير به ڊي پي او رضوان گوندل کي گهرايو هو.

آءِ جي پنجاب وڏي آواز ۾ چيو ته بدلي سزا ناهي هوندي، بطور ڪمانڊر اسان 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا آهيون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت ۾ وڏي آواز ۾ نه ڳالهايو.

ان موقعي تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان چئي رهيا  آهيو ته فلاڻي ڳالهه ڪئي، اوهان ڪير ٿيندا آهيو؟

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته هڪ عورت پيرين پنڌ وڃي رهي هئي ته پوليس ان کان پڇيو ته ڪهڙو غلط ڪيو، اوهان وڏي وزير کي ڊي پي او سان ملڻ کان روڪيو، جنهن تي آءِ جي پنجاب چيو ته ڇوڪري جو هٿ پڪڙيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*