اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيشنل بينڪ جي صدر سعيد احمد کي عهدي تان هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيشنل بينڪ جي صدر سعيد احمد کي عهدي تان هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اخباري ڪٽنگس تي ڪو به آرڊر جاري نه ٿو ڪري سگهجي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيشنل بينڪ جي گورنر سعيد احمد کي عهدي تي هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا رڳو سعيد احمد جي معطلي جو آرڊر پاس ٿيو هو يا ان کان علاوه به ڪو آرڊر آهي.

جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان کان علاوه ڪو به آرڊر پاس نه ٿيو آهي پر نيشنل بينڪ جي نئين صدر جي مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيشنل بينڪ جي صدر جي مقرري جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏني، جنهن جي پريس ڪلپنگ موجود آهي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته اخباري ڪٽنگس تي ڪو به آرڊر جاري نه ٿو ڪري سگهجي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سعيد احمد کي عهدي تان هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، ناڻي واري وزير ۽ ڪابينا جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*