کيس پنجاب جي وڏي وزير جي پي ايس او حيدر جي فون آئي ته هو وڏي وزير سان ملاقات ڪري،پاڪ پتن جي اڳوڻي ڊي پي او رضوان گوندل

پاڪ پتن جي اڳوڻي ڊي پي او رضوان گوندل چيو آهي ته   کيس پنجاب جي وڏي وزير جي پي ايس او حيدر جي فون آئي ته هو وڏي وزير سان ملاقات ڪري، مون 23 ۽ 24 آگسٽ واري واقعي بابت وقتي آر پي او کي ٻڌايو، سڄي واقعي تي آءِ جي پنجاب کي واٽس ايپ تي پيغام به موڪليو هو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پاڪ پتن جي ڊي پي او جي بدلي واري پاڻمردي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پاڪ پتن جي اڳوڻي ڊي پي او رضوان گوندل پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته   پنجاب جي وڏي وزير جي پي ايس او حيدر جي فون آئي ته مان وڏي وزير سان ملاقات ڪيان.

هن چيو ته 23 ۽ 24 آگسٽ واري واقعي بابت وقتي آڙ پي او کي ٻڌايو، سڄي واقعي تي آءِ جي پنجاب کي واٽس ايپ تي پيغام به موڪليو.

رضوان گوندل چيو ته واقعي واري ڏينهن 4 وڳي ڪال آئي ته اوهان رات 10 وڳي پهرين وزيراعليٰ هائوس پهچو ، جنهن بعد مان اتي پهتس ته احسن جميل جو پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي ڀاءُ طور تعارف ڪرايو.

اڳوڻي پاڪ پتن جي ڊي پي او چيو ته احسن جميل مون کان پڇيو ته مانيڪا فيملي جو ٻڌايو، لڳي ٿو ته سندن خلاف ڪا سازش ٿي رهي آهي.

ٻئي طرف واقعي جي جاچ رپورٽ آءِ جي پنجاب ڏانهن موڪلي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رضوان گوندل کي مانيڪا خاندان سان بدتميزي ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ، سوشل ميڊيا تي معاملي کي غلط رنگ ڏئي پيش ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي ناڪي ي روڪيندڙ ڊي پي او کي ملتوي ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*