باڊھ ٽائون ڪميٽي پاران ترقياتي رٿائون مڪمل نه ڪرڻ خلاف شهرين چوٿين ڏينهن به احتجاجي بک هڙتال جاري رکي

باڊھ ٽائون ڪميٽي پاران ترقياتي رٿائون مڪمل نه ڪرڻ خلاف شهرين چوٿين ڏينهن به احتجاجي بک هڙتال جاري رکي.

شھرين قادر بروهي، جمن مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مختلف وارڊن ۾ ترقياتي رٿائن جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي ويا آھن، جنهن ڪري ماڻھن کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

 هنن چيو ته واٽر سپلاءِ اسڪيم  ذريعي پاڻي وقت سر نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري شھري جر جو کارو پاڻي پيڻ تي مجبورآھن.

 هنن گهر ڪئي آهي ته ٽائون انتظاميا فوري طور شھرين جا مسئلا حل ڪري، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*