ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ زهره شاهد قتل ڪيس ۾ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن کي موت  جي سزا ۽ ثبوت نه هئڻ تي ٻن ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ زهره شاهد قتل ڪيس ۾ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن کي موت  جي سزا ۽ ثبوت نه هئڻ تي ٻن ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

دهشتگرديءَ جي خاتمي واري خاص عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ زهره شاهد جي قتل ڪيس بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت زهره شاهد جو خون ثابت ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن راشد ٽيلر ۽ زاهد عباس زيديءَ کي موت جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ٻن ڄڻن عرفان ۽ ڪليم کي ثبوت نه هئڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو.

جوابدارن اعترف ڪيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ کي خوفزده ڪرڻ لاءِ قيادت جي حڪم تي زهره شاهد کي قتل ڪيو.

رينجرز پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته زهره شاهد جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم ملوث آهي ۽ جوابدارن جاچ دوران زهره شاهد جي قتل جو اعتراف به ڪيو هو.

رينجرز پراسيڪيوٽر موجب زهره شاهد جي قتل ۾ملوث جوابدارن کي سڃاڻپ پريڊ دوران شاهدن به سڃاتو هو.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ زهره شاهد کي مئي 2013ع ۾ سندس گهر ٻاهران قتل ڪيو ويو هو ۽ تڏهوڪي حڪومت زهره شاهد جي قتل ۾ملوث جوابدارن جي نشاندهيءَ لاءِ 25 لک رپيا انعام به رکيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*