ايشين گيمز هاڪي ايونٽ ۾ جاپان هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پاڪستان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ميڊلز واري ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ايشين گيمز هاڪي ايونٽ ۾ جاپان هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پاڪستان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ميڊلز واري ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

انڊو نيشيا جي شهر جڪارته ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ قومي ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

قومي ٽيم ان اهم ميچ کان پهرين پنجن ميچز ۾ ناڪاقابل شڪست رهڻ با وجود مايوس پرفارمنس جو مظآهرو ڪيو.

اهم ميچ ۾ جاپان جي ٽيم پهريون گول اسڪور ڪيو، جنهن کي برابر ڪرڻ جي قومي ٽيم ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ٽيم ناڪام رهي.

پاڪستان سان گڏ ڀارتي ٽيم ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پوائنٽس حاصل ڪندڙ ٽيمون هيون، جيڪي شڪست بعد ميڊلز واري ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون.

فائنل ۾ هاڻي جاپان جو مقابلو ملائيشيا سان ، جڏهن ته ٽيئن پوزيشن واري ميچ ۽پتل جي ميڊل لاءِ پاڪستان جو مقابلو ڀارتي ٽيم سان ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*