وزير اعظم عمران خان جي ڪرڪيٽ  جي پراڻي دوست جاويد ميانداد ڪراچي لاءِ پنهنجون خدمتون وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏيون آهن

وزير اعظم عمران خان جي ڪرڪيٽ  جي پراڻي دوست جاويد ميانداد ڪراچي لاءِ پنهنجون خدمتون وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏيون آهن.

پنهنجي نئين وڊيو پيغام ۾ جاويد ميانداد چيو ته هن وٽ ڪيترائي پلان آهن،جنهن لاءِ کيس ٽائم ڏنو وڃي.

هن چيو ته عمران خان هميشه کيس ڀليڪار چيو آهي ۽کيس اميد آهي ته هاڻي به کيس ساڳئي موٽ ملندي.

جاويد ميانداد وڌيڪ چيو ته سموري قوم کي هڪ شخص جو ساٿ ڏيڻو آهي ۽پورو وقت ڏيڻ گهرجي، جنهن بعد کير جو کير ۽پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.

جاويد مياندار وڌيڪ چيو ته هو ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو۽ اڄ به هو چوي ٿو ته کيس ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*