پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته ايبٽ آباد ۾ منعقد ٿيل فٽنس ڪيمپ مان رانديگرن کي وڏو فائدو پهتو آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته ايبٽ آباد ۾ منعقد ٿيل فٽنس ڪيمپ مان رانديگرن کي وڏو فائدو پهتو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته ايبٽ آباد ۾ منعقد ٿيل فٽنس ڪيمپ ۾ رانديگرن جي فٽنس کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جنهن مان سمورن رانديگرن کي وڏو فائدو پهتو آهي.

هن چيو ته فٽنس ڪيمپ لاءِ 18رڪني اسڪواڊ ۾ شامل سمورا رانديگرن بهترين صلاحيتين جا مالڪ آهن.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ بعد ٽيم کي آسٽريليا ۽نيوزيلينڊ جي ٽيمن خلاف اهم سيريز کيڏڻي آهي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم ايشيا ڪپ سميت آسٽريليا ۽نيوزيلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ فتح حاصل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*